سيد منچر شاهه

سيد منچر شاهه

سيد منچر شاهه

سيد منچر شاهه: هن بزرگ جو شمار، شڪارپور جي ٻارهين صدي هجريءَ جي صوفي درويشن ۾ ٿئي ٿو. سندس اصل نالو سيد منوچهر شاهه آهي، شڪارپور ۾ هن کي منچر شاهه سڏيو وڃي ٿو.
هي ايران کان آيل صوفي بزرگ هو. سندس مزار شڪارپور جي اتر ۾، جيڪب آباد روڊ تي واقع آهي. هر جمعي جي ڏينهن مزار تي وڏي رونق هوندي آهي ۽ وڏي تعداد ۾ ماڻهو ايندا آهن. سندس مزار اندر هيٺيون ڪتبو لڳل آهي:
در آثار نبي مقبول سيد منچر شاهه سنه 1147هه،
رحمت الله ڪاشيگر هالائي.


لفظ سيد منچر شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو